اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) چين، ترڪي، آمريڪا، فرانس، جاپان، ڀارت، ابوظهبي، افغانستان، سريلنڪا، هانگ ڪانگ سميت سڄي دنيا ??ي پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪس??ان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. اڱاري ڏينهن ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪس??ان ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي قومي جهڊو بلند ڪيو ويو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پاڪستاني سفيرن ۽ شرڪت ڪندڙن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ۽ تحريڪ پاڪس??ان جي اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. 81 هين يوم پاڪس??ان جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي ميمبرن ۽ چين ۽ پاڪستاني ميڊيا ??ي نمائندن سميت م??مانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. پاڪس??ان جي سفير معين الحق تحريڪ پاڪس??ان جي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو. 23 مارچ 1940ع جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن ڏکڻ ايشيا ??ي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پنهنجي لاءِ ڌار ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني سفير غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.