اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظ?? ميڊيا آفيس مان جاري بي??ن موجب وزيراعظم اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن جي نون منصوبن جو افتتاح ڪندو جنهن سان گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سر??س مهيا ٿيندي ۽ موجوده سر??س بهتر ٿيندي. وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت گلگت بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل لاءِ منصوبابندي تي بريفنگ ڏني ويندي.