اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ا??غانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان اسان جو اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهي، پاڪست??ن سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت تمام شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. وفد جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ پرڏيه?? وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جون وفد سطح تي ڳالهيون لاڀائتيون رهيون آهن. هن چيو ته ا??غان امن عمل ۾ قطر خاص ڪري پرڏيه?? وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. افغانستان جي حوالي سان اسان جي نڪته نظر ۾ هڪجهڙائي آهي، مون قطري پرڏيه?? وزير کي 20 کان وڌيڪ پرڏيه?? وزيرن سان ٿيل رابطن ۽ ڳالهين کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته ا??غان شهرين ??ي تحفظ ۽ معاونت جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان امن مخالف ڌُرين تي ڪڙي نظر رکنداسين، اسان اتفاق ڪيو آهي ته ا??غانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جو ازالو پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. پرڏيه?? وزير چيو ته اسان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون، ??ن سلسلي ۾ پاڪستان اڳ ۾ ئي امدادي شيون ڪابل موڪلي چڪو آهي، جڏهن ته ا??ندڙ ڏينهن ۾ پڻ زميني رستن ذريعي وڌيڪ امداد ڪابل موڪلي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته ا??غانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي ۽ انهن جا اثاثا رليز ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جاگرافيائي لحاظ کان هڪٻئي جي ويجهو هئڻ جي ناتي فوڊ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائي سگهون ٿا. مون کي اهو ٻُڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته قطر سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ پاڪستانين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون قطري پرڏيه?? وزير کي گذارش ڪئي آهي ته قطر ويندڙ پاڪستاني جن جي ويڪسين ٿي چڪي آهي انهن کي گهرن ۾ قرنطينه جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم چيو ته قطر ۽ پاڪستان وچ ۾ خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. پاڪستان اسان جو اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي، اسان پاڪست??ن سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت سمورن شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪنهن به ا??ساني الميي کان بچڻ لاءِ اسان کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو.