ڪراچي – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چي?? آهي ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي عمر شريف جي عيادت جي لاءِ آيا آهيون، عمر شريف اسٽيج جو ??ادشاهه آهي ۽ قوم جو ??ثاثو آهي، حڪومت عمر شريف جي علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سدان گڏ آغا خان اسپتال ۾ ناليواري ڪام??ڊي?? عمر شريف جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چي?? ته عمر شريف اسٽيج جو ??ادشاهه ۽ قوم جو ??ثاثو آهي، حڪومت سندس علاج جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چي?? ته صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان عمر شريف جي علاج جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊاڪٽرن جو ??ورڊ جيڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عمر شريف جي علاج بابت فيصلو ڊاڪٽرن کي ڪرڻو آهي، ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن وڌيڪ چي?? ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن اليڪشن ۾ هارائي وڃي ان تي اهي ڌانڌلي جو گوڙ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن جي خلاف سڀ کان پهرين مظاهرو پي ايم ايل اين ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي جون تقريرون کڻي ڏسو، اهي هڪ ڏينهن هڪڙي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن سندن موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي. هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن جو ??نيادي طور تي ڪم پنهنجي غيرسياسي حيثيت کي بحال رکڻ آهي، جيڪڏهن اهي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ته انهن کي هلي وڃڻ گهرجي، 22 ڪروڙ جي آبادي آهي، اسان اليڪشن ڪرائي سگهون ٿا.