اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه ??ن برطا??وي پارليامينٽ جي پاڪستاني ڄائي ميمبر لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس مل??قات ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه ??حمود قريشي چيو ته مون کي پنهنجي برطانيه جي تازي دوران دوران برطا??وي پرڏيهي وزير لزٽرس سان مل??قات جو موقعو مليو، مون برطا??وي هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني ح??ن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته برطا??وي پارليامينٽ ۾ ڪشمير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي ح??الي سان پاڪستاني ڄائي برطا??وي پارليامينٽرين جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي جي تازي برطانيه جي دوري ۽ برطا??وي پرڏيهي وزير لزٽرس سميت برطا??وي پارليامينٽ جي ميمبرن سان ٿيندڙ مل??قاتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هوائي سفر جي ح??الي سان برطا??وي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حمود قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.