اسلام آباد – 05 211; ??ڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ?? اثاثا مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ??رڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيرا??ظم عمران خان قيمتي قومي اثاثن جي پيداواري اس??عم??ل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڪستان جي قيمتي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن مان ڀرپور فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ??رڻ ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير پاران وزيرا??ظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم ملڪ ۾ عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.