اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري جي افغان عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چ??و ته مو?? افغانستان ۾ انساني بحران کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي خوراڪ جي عالمي اداري جي سربراهه الرٽ جاري ڪيو آهي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان افغانستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪ??و ته افغانستان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي شروعات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ افغان عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو و??و ته افغانستان ۾ عوام کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري ا??و بحران خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو هو، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني ا??ميو جنم وٺي ??گهي ٿو، افغانستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.