اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري ??ان ??امزن ڪرڻ جي لاءِ تعليم يافته عورتن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته حڪومت عورتن جي تعليم سان ??ڏوگڏ انهن کي هنرمند بڻائڻ تي پڻ ڌيان ??ئي رهي آهي ته جيئن انهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج چترال جي پرنسپل ڪيري ??وفيلڊ جي قيادت ۾ شاگردن جي وفد سان ??الهائيندي ??يو. وفد سان ??الهائيندي صدر چيو ته مل کي وڌ کان وڌ تعليم يافته عورتن جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري ??نهن کي مالياتي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪري ??گهن. صدر تعليم جي ميدان ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ميڊيڪل ۽ انجنيئر??گ جي شعبن ۾ ڪيترائي تعليمي ماهر ۽ پروفيشنلز پيدا ڪيا آهن. هن ڪاليج جي انتظاميا خاص طور تي ان جي پرنسپل ڪيري ??وفيلڊ جي ڪوششن ۽ خدمتن کي پڻ ساراهيو جنهن چترال جي ماڻهن کي تعليمي معيار بلند ڪرڻ ۽ معياري ??عليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ??م ڪيو.