اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي، افغانستان ۾ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کا?? بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايران جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دور?? جي آجيان ڪندي افغانستان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کا?? آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ زندگ?? جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کا?? بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته غي??مع??ولي اجلاس سان اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي افغانستان جي مدد جو موقعو ملندو. وزيراعظم عالمي برادري تي زو?? ڏنو ته اها افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزيراعظم عمران خان دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ايران خاص طور تي سپريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيس?? جي دور?? جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غي??مع??ولي اجلاس جي ميزبان?? جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراهيو. هن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.