اسلام آباد – 02 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مسلمان نوجوانن کي اسلام جو پيغام ڏيندي معاشري جي اخلاقيات ۽ قدرن جو معيار بلند ڪيو وڃي، اسلامي اسڪالرز پنهنجي تهذيب، مذهب ۽ تاريخ تي فخر ڪندي نوجوانن جي روحاني ۽ اخلاقي تربيت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان قومي رحمت للعالمين اٿارٽي جي اهتمام هيٺ مديني جي رياست، اسلام، معاشري ۽ اخلاقي بيداري جي موضوع تي مڪالمي جي ٻي ويهڪ جي ميزباني ڪئي، مڪالمي کي جارج واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا جي اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر ڊ??ڪٽر سيد حسن نصر، زيتونا ڪاليج آمريڪا جي صدر ڊ??ڪٽر حم??ه يوسف، ڪيمبرج مسلم ڪاليج برطانيا جي ڊين ڊاڪٽر عبدالحڪيم، ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مفڪر ڊ??ڪٽر چندرا مظفر، ڊاڪٽر عثمان باقر، ابن خلدون يونيورسٽي ترڪيءَ جي ريڪٽر ڊ??ڪٽر رجب شنتڪ، گڏيل عرب امارات جي فتويٰ ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله بايا پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ جي مسلمان نوجوانن کي اس??ن کي اسلام موجب پيغام ڏيڻو آهي، هر مهيني يا ٻئي مهيني اهڙي قسم جي هڪ ويهڪ جو اهتمام ڪنداسين جتي اس??ن موجود دور جي مسئلن بابت ڳالهه ڪريون جيڪي اسلامي دنيا جا تمام اهم آهن ۽ اتي اسلامي اسڪالرز جي خيالن مان فائدو کڻون. وزيراعظم چيو ته منهنجو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جي پ??يان اهو ئي تصور هو ته حضرت محمد ﷺ جي سيرت جي ذريعي اس??ن مسلمان کي متحد ڪريون، اس??ن پنهنجي معاشري جي اخلاقيات ۽ قدرن جو معيار بلند ڪريون جهڙوڪ مديني جي رياست ۾ اس??ن جي پ??غمبر ﷺ 15 سئو سال اڳ ڪيو هو. جارج واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا جي اسلامڪ اسٽڊيز جي پروفيسر ڊ??ڪٽر سيد حسن نصر چيو ته انساني وجود کي ڪيتريون مشڪلاتون درپيش آهن، غيرسنجيده ماڻهو اسلام تي ڳالهه ڪن ٿا، اس??ن کي ڳالهه ٻولهه کان وڌيڪ عمل جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسلام موجوده دور جي فوري نوعيت جي مسئلن جو حل پيش ڪري ٿو. زيتونا ڪاليج آمريڪا جي صدر ڊ??ڪٽر حم??ه يوسف چيو ته خواهش جو حد کان وڌي وڃڻ معاشري کي نقصان پهچائي ٿو، الله اس??ن کي عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي ذميواري ڏني آهي، اس??ن کي نوجوانن ۾ عورتن جو احترام پيدا ڪرڻ جي سوچ اجاگر ڪرڻي پ??ندي، نيڪ ماڻهو ئي عورتن جي عزت ڪن ٿا. ڪيمبرج مسلم ڪاليج برطانيا جي ڊين ڊاڪٽر عبدالحڪيم مراد چيو ته عورتن کي هراساني سميت مختلف ڏوهه درپيش آهن، آزاد خيال ماڻهو ڪنهن شيءَ کي سينسر نه ٿا ڪرڻ چاهين. ابن خلدون يونيورسٽي ترڪي جي ريڪٽر ڊ??ڪٽر رجب شنتڪ چيو ته نوجوانن کي اخلاقيات اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جدت پسندي، آزاد خيال جو خطرو موجود آهي، اس??ن کي پ??هنجي ماضي کي محفوظ بڻائڻو پوندو. ملائيشيا سان تعلق رکندڙ مفڪر ڊ??ڪٽر چندرا مظفر چيو ته نوجوانن کي پ??هنجي تهذيب، مذهب ۽ تاريخ تي فخر هجڻ گهرجي. ملائيشيا جي يونيورسٽي آف ملايا جي پروفيسر ڊ??ڪٽر عثمان باقر چيو ته نوجوان سمجهن ٿا ته اسلام کي محدود ڪيو ويو آهي، بين المذاهب هم آهنگي جو هجڻ لازمي آهي، هن وقت روايتي ۽ جديد تعليم يافته حلقن ۾ مقابلو آهي.