اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته ايڪوٽورازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزير??عظ?? آفيس ??ي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزير??عظ?? سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون هلندڙ سال جي وچ ڌاري منعقد ڪرڻ کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ ??ي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزير??عظ?? چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير ، اترين علائقن ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي جي بي پناهه صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايڪو ٽور ازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.