اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته پاڪستان تحريڪ انصاف شفاف طريقي سان هل?? رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي، اڪبر ايس ب??بر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي اهو سڀ ڪري رهيو آهي، الزام لڳائيندڙن جي بياني کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته اڪبر ايس ب??بر چوندو هو ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي ??هي ته ٻڌايو ته اها ڪٿي آهي؟ اڪبر ايس ب??بر چانهه جي پيالي ۾ طوفان برپا ڪيو ۽ سڀني کي گمراهه ڪيو آهي، رپورٽ جي صفحي نمبر 81 موجب اڪبر ايس ب??بر پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪي به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو. م??يم صفدر به اليڪشن ڪميشن کان ٻاهر اچي چوندي ??هي ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي پر ان رپورٽ ۾ اهڙو ڪجهه نه آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف صاف ۽ شفاف طريقي سان هل?? رهي آهي، پارٽي کي اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين سپورٽ ڪيو، الزام لڳائيندڙن کي اوورسيز پاڪستانين کان به معافي گ??رڻ گهرجي جنهن جي دل آزاري ٿي آهي، فرخ حبيب چيو ته آئون م??يم صفدر ۽ بلاول زرداري کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو به پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آڻين، ڀون داس ۽ شجاعت عظيم جو عوام کي ٻڌائين ته اهي ڪير آهن، هن چيو ته بلاول کي به 35 ڪروڙ جو حساب ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان جي اليڪشن ڪميشن کي درخواست ??هي ته جلد کان جلد اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري ۽ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت باقي سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي. فرخ حبيب چيو ته مولانا فضل الرحمان جو به پتو پوڻ گهرجي ته هو ليبيا کان ڪهڙي چڪر ۾ فنڊنگ وٺي رهيو آهي، اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته صرف پي ٽي آءِ اها واحد پارٽي ??هي جنهن شفافيت کي نظر ۾ رکيو، هن چيو ته برطانيه ۾ ن ليگ پرائيويٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽرڊ آهي، اليڪشن ڪميشن سپ??يم ڪورٽ جي فيصلي موجب ان معاملي کي حل ڪري، فرخ حبيب چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته اليڪشن ڪميشن جلد کان جلد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي جاچ ڪندو. هن چيو ته والٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ جو جيڪو ذڪر ڪري رهيا آهن اهي پئسا به بئنڪ جي ذريعي آيا ان ۾ ڪا به شيءَ لڪائڻ واري نه آهي، هڪ دوستاڻو ڪرڪيٽ ميچ ٿيو اهو به پاڪستانين جي وچ ۾ کيڏيو ويو، مملڪتي وزير چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي ۾ به ان حوالي سان ڪجهه نه نڪتو.