اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ملڪ ۾ صنعتي ترقي جي لاءِ انڪم ٽي??س ترميمي آرڊيننس 2022ع جاري ڪر?? ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتن جو فروغ، بيمار صنعتي يونٽس کي بحال ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب آرڊيننس تحت نقصان ۾ ويندڙ ۽ بيمار صنعتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ پئڪيج ڏنو ويو آهي. آرڊيننس جي مدد سان انڪم ٽي??س آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن 59 سي، 65 ايڇ، 100 ايف جو اضافو ڪيو ويو آهي. آرڊيننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نئين صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ظاهر ڪيل اثاثن تي سيڙپڪارن کي رڳو 5 سيڪڙو مقرر ٽي??س ڏيڻو پوندو، ظاهر ڪيل فنڊز رڳو پلانٽ ۽ مشينري خريد ڪرڻ، انڊسٽري قائم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿي سگهندا، فائديمند ڪمپنيون بيمار ۽ نقصان ۾ ويندڙ صنعتون حاصل ڪر?? سگهنديون، حوصلا افزائي لاءِ بيمار صنعت جو ٽي??س نقصان ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ ايڊجسٽ ڪر?? سگهبو. سمنڊ پار پاڪستاني، ٻاهرئين ملڪ اثاثا رکندڙ پاڪستاني سيڙپڪاري ڪر?? سگهندا، سيڙپڪار پئڪيج تحت واپس آندل ??قم تي 100 سيڪڙو ٽي??س ڪر??ڊٽ جا اهل هوندا، پئڪيج تحت واپس آندل ??قم جي برابر ٽي??س ڪر??ڊٽ رڳو 5 سالن تائين ڏنو ويندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جاري ڪيو.