اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائ??نس?? سالياني پلان بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ 23 – 2022ع ايندڙ مالي سال جي لاءِ معاشي واڌويجهه جي شرح سميت هدفن جي منظوري ڏني جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بنيادي ڍانچي ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري، بنا رڪاوٽ ۽ سستي توانائي، معياري تعليم ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي هڪ جهڙي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي، ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، غريب ترين علائقن جي ترقي جي لاءِ خصوصي منصوبا شروع ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي ڪائ??نس?? جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قومي اقتصادي ڪائ??نس?? جو فورم قومي وحدت جو مظهر آهي ۽ ان جو بنيادي مقصد ٺوس ڪوششن سان وفاق کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي وڌائڻ آهي، قومي اقتصادي ڪائ??نس?? کي اڻبرابري کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ اها وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ذميواري آهي ته متوازن علائقائي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي غيردانشمنداڻي پاليسي قدمن جي ڪري اهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جتي ??اهرئين ۽ اندروني چئلينجز معاشي استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان جي حڪومت کي ورثي ۾ اهڙي معيشت ملي جنهن کي غيرمستحڪم مالي صورتحال 7 ٻاهرئين شعبي، مهانگائي، بيروزگاري، عربت ۽ عدم استحڪام جهڙا خطرناڪ چئلينجز درپيش آ??ن، اسان کي اندروني غيرمعمولي معاشي عدم استحڪام ۽ ٻاهرئين چئلينجز جو پورو ادراڪ آهي. هن چيو ته حڪومت نه رڳو معيشت کي صحيح رخ ڏنو آهي پر پنهنجي پهرين مختصر دور ۾ توانائي شعبي ۾ سڌارن سان گڏوگڏ اندروني ۽ ٻاهرئين شعبن ۾ عدم توازن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ سڌاراجاتي ??دم کنيا آ??ن، ماڻهن جي روزگار ۽ معيار زندگي جي بهتري اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، معاشرتي انگن اکرن ۾ بهتري ۽ افرادي قوت تي سيڙپڪاري ۾ اضافو منهنجي حڪومت جي ڊگهي مدي واري ويزن جو حصو آهي. هن چيو ته سماجي ڀلائي، پاڻي وسيلن جو تحفظ، زراعت، موسمياتي تبديلي، ناليج اڪانومي ۽ علائقائي برابري سان معيشت جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ، اسان جي ترقياتي ??ريم ورڪ جي ڌيان جو بنيادي مرڪز آهي، اهي ترجيحون اسان جي ترقياتي ??ريم ورڪ جو اهم حصو آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي اولين ترجيح آهي ته شهرين جي زندگي کي بهتر بنائڻ جي لاءِ پنهنجي پوري صلاحيت استعمال ۾ آڻيون، انفراسٽرڪچر ۽ انتظامي معاملن ۾ بهتري، بنا رڪاوٽ ۽ گهٽ لاڳت توانائي، معياري تعليم ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي هڪ جهڙي فراهمي تي اسان جي حڪومت جو ڀرپور ڌيان آهي، اسان معاشي شموليت، غربت جي خاتمي، ادارن ۾ سڌارن، انفراسٽرڪچر، تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ بهتر صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ گڏيل علائقائي قدر ۽ ذميواري ذريعي خطي جي ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ تي ??قين رکون ٿا. وزياعظم چيو ته حڪومت کي عالمي معاشي ماحول ۽ ملڪي حالتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، حالتون ڏکيون ضرور آهن پر ناقابل تسخير نه آ??ن، اسان انهن مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ سمورا ضروري قدم کڻي رهيا آهيون، ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان جي ڪوششن جا ثمر اچڻ به شروع ٿي ويا آ??ن، اسان کي ان ڳالهه تي ??ورو ڀروسو آهي ته مستحڪم معيشت ۽ سيڪيورٽي ماحول ئي پوري دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. منصوبابندي واري وزارت قومي اقتصادي ڪائ??نس?? کي سالياني پلان سال 22 – 2021ع جو جائزو پيش ڪيو ۽ سال 23 – 2022ع جي هدفن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪائ??نس?? مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ سالياني هدفن جي منظوري ڏني، معاشي واڌويجهه جو هدف 5 سيڪڙو رکيو ويو آهي جنهن کي 6 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، زراعت سيڪٽر جي واڌويجهه جو هدف 3.9 سيڪڙو، صنعت جو 5.9 سيڪڙو ۽ سروسز سيڪٽر جي وڌاويجهه جو هدف 5.1 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪائ??نس?? سالياني پلان بابت ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ 23 – 2022ع جي پڻ منظوري ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ سمورا صوبا ان ڏس ۾ قدم کڻن، زراعت جي شعبي جي واڌاري تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. ڪائوسنل کي ترقياتي بجيٽ 22 – 2021ع جو جائزو پيش ڪيو ويو. ڪائ??نس?? کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ 900 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي جڏهن ته ڪورونا وبا جي ڪري معاشي ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ گهٽتائي ٿي ۽ رڳو 550 ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا. ڪائ??نس?? مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ 800 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ رکڻ جي تجويز منظور ڪئي. ڪائ??نس?? گڏيل في??لو ڪيو ته ترقياتي بجيٽ ۾ 60 سيڪڙو جاري منصوبن ۽ 40 سيڪڙو نئين منصوبن تي خرچ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته غريب ترين علائقن جي ترقي جي لاءِ خصوصي منصوبا شروع ڪيا وڃن جنهن ۾ بلوچستان جا ضلعا به شامل هجن. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته پي ايس ڊي پي ۾ اهم ۽ وڏن منصوبن کي شامل ڪيو وڃي جيڪي ملڪي ترقي ۾ مدد ڪن. ڪائ??نس?? ترقياتي ??ورمز بشمول سي ڊي ڊبليو پي، ايڪنڪ ۽ ڊي ڊي ڊبليو پي جي ترقياتي ??نصوبن جي منظوري جي نظرثاني ٿيل اختيارن جي منظوري ڏني.