اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ وا??ار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فراريز وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان م??قعي تي وزيراعظم ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ اٽلي کي پاڪستان جو ويجهو دوست ۽ قابل اعتماد حصيداري قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جا وڌندڙ لاڳاپا ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت هڪ جهڙائي جي نشاند??ي ڪن ٿا، يورپي يونين جي ترجيح وا??اري اسڪيم جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ اٽلي جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وا??اري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ موجوده صلاحيت کي وڌيڪ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ اٽلي سان تعاون ۾ خصوصي دلچسپي رکي ٿو جنهن ۾ اٽلي نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري سان خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان جاري پاڪستان جي تمام گهڻي تعاون تي پڻ روشني ??ڌي. اٽلي جي سفير وزيراعظم پاران استقبال تي سندس ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٺوس بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.