اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو سڀاڻي آچر ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ تياريون عروج تي پهچي ويون آهن، ملڪ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نج?? سطح تي مخ??لف تقريبون منعقد ڪيون وينديون، انه?? جي شروعات ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿيندي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جن??ح کي ننڍي کنڊ جي مسلمان?? جي لاءِ هڪ جدا وطن ٺاهڻ جي لاءِ سندس اڻٿڪ ڪوششن تي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. ٻاهرئ??ن ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون ٿينديون جن ۾ ٻاهرئ??ن ملڪ رهندڙ پاڪستاني پڻ شرڪت ڪندا. آزادي جي ڏهاڙي کان اڳ سرڪاري ۽ نج?? عمارتن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب?? جي سلسلي ۾ قومي جهنڊا، تحريڪ پاڪستا?? جي بانين جون تصويرون ۽ بينرز جڳهه جڳهه تي هنيا ويا آهن. پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻ??ن ميڊيا جي ذريعن پاران ڏينه?? جي مناسبت سان مخ??لف پروگرام جوڙيا ويا آهن، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اخبارون خصوصي ايڊيشن شايع ڪنديون. ڪراچي ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جن??ح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي شاندار تقريب ٿيندي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي لاهور ۾ علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي خصوصي تقريب ٿيندي. ملڪ جي ٻين حصن وانگر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستا?? جي سمورن ضلعن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وفاقي ۽ سمورن صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پرچم ڪشائي جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. ڏينه?? جي مناسبت سان صدر ۽ وزيراعظم سميت اهم شخصيتن جا خصوصي پيغام جاري ڪيا ويندا. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ خصوصي تقريبن ۾ ٻاهرئ??ن ملڪ رهندڙ شريڪ ٿيندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ننڍي کنڊ جي ورڇ جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ هن ڏينهن پاڪستان برطانيا کان آزاد ٿي وجود ۾ آيو هو. 14 آگسٽ جو ڏينهن پاڪستان ۾ سرڪاري سطح تي وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو آهي، پاڪستاني عوام هن ڏينهن پنهنجو قومي جهنڊو فضا ۾ بلند ڪندي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جن??ح سميت پنهنجي قومي محسنن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سمورن رستن تي قومي جهنڊ?? جي وڪري جي لاءِ اسٽالز لڳايا ويا آهن جنهن سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي هر طرف سبز هلالي جهنڊ?? جي بهار نظر اچي رهي آهي. اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ جشن آزادي جون تياريون عروج تي آهن، پاڪستان سان گڏوگڏ آزادي ڪشمير جا جهنڊا به اسٽالز تي موجود آهن. آزادي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ جدوجهد ۽ پاڪستا?? جي قومي هيروز جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ وچن ورجائڻ پڻ آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي ا?? جي حقيقي منتقل تائين پهچائڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.