اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيا?? سان هم آهنگ ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پرو??يس?? ڪوئنٽن ميڪ ڪيل?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موج??د هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ ??وج??ان نسل کي آءِ ٽي سروسز جي تربيت حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته حڪومت ??وج??انن کي آءِ ٽي اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ل??ءِ ليپ ٽاپ جي فراهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته برطانيا پاڪستان جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.