اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا آهن جن مان سڄي دنيا جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ سوئيڊن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پنهنجي تعاون جي سلسلي کي جاري رکندا. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مقرر سوئيڊن جي سفير هنرڪ پرسن ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سوئيڊن جي سفير ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. هنرڪ پرسن بلاول ڀٽو زرداري کي سوئيڊن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي ??ان پڻ آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ سفير جي وچ ۾ دنيا کي درپيش موسمياتي تبديلين جي چئلينج جي حوالي ??ان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته سوئيڊش ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو فائدو کڻي رهيون آهن، دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪمپنيون به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن.