اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي منشيات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر منظوري آئين ج?? آرٽيڪل 75 تحت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منشيات ڪنٽرول ايڪٽ ۾ غيرقانوني منشيا?? بابت ڏوهن جي لاءِ موت يا عمر قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. سزائون هيروئن، مارفين، ڪوڪين ۽ ائس سميت مختلف مقدار جي نشي آور دوائن ۽ منشيات تي ڏني ويندي. صدر جي منظوري کانپوءِ اهو بل منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هيروئن يا مارفين جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه تي 20 سال کان و??يڪ قيد ۽ 10 لک رپين کان و??يڪ ڏنڊ هوندو. هيروئن يا مورفين جي 6 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه ۾ سزا موت يا 15 کان 20 لک رپين جي ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. 3 ڪلو يا وڌيڪ ڪوڪين جي ڏوهه ۾ سزا موت يا 20 سالن کان و??يڪ قيد سان گڏ 25 لک رپين کان و??يڪ ڏنڊ هوندو. آفيس جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهن تي سزائي موت يا 25 لک رپين کان و??يڪ ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. ڏوهه ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، تعليمي اداري جي اندر يا ويجهو سرزد ٿيڻ تي ان ڏوهه جي وڌ کان و?? سزا هوندي.