اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ب??لي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي?? دادو – خضدار ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي آهي، وزيرا??ظم بجلي جي سپلائي جي بحالي کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي دادو – خضدار ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي آهي. دادو – خضدار ٽرانسميشن لائين جي بحالي سان ٻوڏ کان متاثر وچ بلوچستان جي هڪ وڏي حصي کي بجلي جي سپلا??ي بحال ٿي وئي آهي جڏهن ته سبي کان ڪوئيٽا ٽرانسميشن لائين، جنهن جا 10 ٽاور ٻوڏ واري پاڻي جي ڪري ڪري پيا هئا، انهن تي بحالي جو ڪم 10 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿي وڃڻ جي اميد آهي. سبي کان مڇ ٽرانسميشن لائين تي به بحالي جو ڪم جاري آهي. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ٻوڏ سٽيل علائقن جي بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي. وزيرا??ظم بجلي جي سپلائي جي بحالي کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان کيس روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.