گڏيل قومون – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير مريم او??نگزيب چيو آهي ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديليون سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهن، پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ سبب هيلٿ ڊيزاسٽر آهي، سرديءَ اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاث??ين کي دوائون، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ چادرن وغيره جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ٻوڏ متاث??ين جي ??دد ڪرڻ چاهين ٿا اهي پنهنجي ??رضي سان پاڻ اين ڊي ايم اي ۽ سول سوسائٽين جي ذريعي به مدد ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ ٻوڏ، موسمياتي تبديلي“ جي ??وضوع تي ٿيندڙ تصويري نمائش جي دوري جي ??وقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم او??نگزيب چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيتريون ئي عورتون اميد سان آهن، هن وقت اتي ٻارن جي کير، ٻارن جي خوراڪ سميت ٻين شين جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي ??رڇ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون هيون. انهن علائقن ۾ متاث??ين جي ضرورت موجب خيما ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي روزاني جي بنياد تي عوام کي پنهنجي ڊيٽا فراهم ڪري ٿي ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن جڳهه تي ڪهڙي شيءَ جي ضرورت آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ متاث??ين جي ??اءِ سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن. گذريل ڏينهن وزيراعظم ٻوڏ متاث??ين جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ خبر پئي ته پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي گهٽتائي آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري پکڙجندڙ بيما??ين ۽ ڊينگي جي ڪري پيناڊول ۽ پيراسيٽامول جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي. انهن دوائن جي ڊيمانڊ وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ آهي. جڏهن ته پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي. هن چيو ته وزيراعظم واضح طور تي هدايت ڪئي آهي ته انهن دوائن جي ??يمتن ۾ اضافو نه ڪيو وڃي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي انهن دوائن تي سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته جيڪي اين جي او?? بند آهن انهن جي اسڪريننگ جو پراسيس گهرو وزارت شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هن وقت اين جي او?? ۽ سول سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن کي وزيراعظم به ساراهيو آهي. جڏهن ته عوامي سطح تي به انهن کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سول سوسائٽي جو هڪ ڪردار آهي، جڏهن حڪومتي ڪوششن ۾ اهو ڪردار شامل ٿئي ٿو ته ڪنهن به ڊيزاسٽر کي منهن ڏئي سگهجي ??و. مريم او??نگزيب چيو ته حڪومت جو هن وقت ڌيان ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي تي آهي. گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان وزيراعظم عالمي سطح تي آواز اٿاريو آهي، جيڪو سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي.