ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿ??رڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او ۽ رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي هلن??ڙ اجلاس جي ميزباني ڪندي زور ڏنو ته وزيراعظم پ??ڪس??ان جي پيش ڪيل تجويز ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿ??رڻ گهرجي. ايس سي او جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي سڀ کان اڳ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ايس سي او مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي تازي اجلاس جي سربراهه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان کانپوءِ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان، منگوليا ۽ ايران جي صدرن پڻ پ??ڪس??ان سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اعلان ڪيو. تاجڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ شديد تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پ??ڪس??ان کي ڀرپور مدد ۽ حمايت فراهم ڪئي وڃي.