لاهور – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف في??ن اينڊ ڊيزائن لاهور جو دورو ڪيو. صدر کي اداري ۾ تعليمي سرگرمين، ڪارڪردگي ۽ مختلف شعبن ۾ تعيلمي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ صدر سان گڏ هئي. دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي مدد سان پاڪستاني آرٽس، في??ن، ڊيزائن ۽ ٽيڪسٽائيل مصنوعات کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ پذيرائي ڏياري سگهجي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽيون فارغ ٿيندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين ۽ ورچوئل تعليم تي ڌيان ڏين جنهن سان شاگردن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ معاشري جو فعال شخص بڻائڻ جي لاءِ شارٽ ڪورسز جي مدد وٺي سگهجي ٿي. صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مختصر مدي وارن ڪورسز ذريعي تعليم ڏن?? پئي وڃي، دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري ??ولڊرز ۽ سرٽيفڪيٽ هولڊر افرادي قوت کي ترجيح ڏن?? پئي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آئوٽ آف باڪس سوچين ۽ جدت تي ٻڌل طريقا اختيار ڪن، ترقي يافته ملڪن جي يونيورسٽين ۾ وڏ?? پئماني ??ي آن لائين تعليم ڏن?? پئي وڃي، آن لائين تعليم جي مدد سان خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ شاگردن کي هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون ورچوئل ۽ آن لائين پليٽ فارمز تي پنهنجي موجودگي ۾ اضافو ڪن. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف في??ن اينڊ ڊيزائن جي دوري دوران مختلف في??ن مصنوعات جي نمائش جو جائزو پڻ ورتو. هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف في??ن اينڊ ڊيزائن جي انڊسٽري، عالمي يونيورسٽين ۽ ادارن سان رابطي کي پڻ ساراهيو.