اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر ??ي افغانستان بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو بنياد آهن. هن افغانستان کي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ذڪر ڪندي افغان ع??ام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت ??ي اهميت کي ورجايو. مملڪتي وزير افغانستان جو دوست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان مقصد جي لاءِ پاڪستان ۽ ايران ??ي اهم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان کان اڳ ايراني خ??وصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيراعظم جي خ??وصي معاون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.