اسلام آباد -21 نومبر (اي ??ي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٽيليويزن جي اهميت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو جنهن جو مقصد ماڻهن کي تفريح، تعليم، تربيت ۽ معلومات حا??ل ڪرڻ لاءِ ٽيليويزن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن ڏينهن جي حوالي سان مختلف اليڪٽرانڪ ڪمپنين طرفان پروگرام ترتيب ڏنا ويا جن??ن ۾ ماڻهن کي ٽيليويزن جي اهميت ۽ فائدن کان آگاهه ڪيو ويو. گڏيل قومن جي انتظام هيٺ جنرل اسيمبلي ڊسمبر 1996ع ۾ هڪ ٺهراءُ ??نظور ڪ??و هو جنهن مطابق سڄي دنيا ۾ هر سال 21 نومبر تي ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.