اسلام ??باد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا جي نئين وزيراعظم ۽ عوام ??ي لا??ِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ??يو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لا??ِ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي لا??ِ ملائيشيا سان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو ??ظهار ??يو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو ??زم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي عالمي برادري پاڪستان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون جي لا??ِ گڏ ٿيندي.