اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش اقتصادي مشڪلاتن جي ڏس ۾ قيادت کي پاڻ پنهنجو مثال پيش ڪندي ڪفايت شعاري جي قدمن ذريعي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ عوام تي پوندڙ بار کي پاڻ ئي کڻڻ اسان جي حڪومت جي سُڃاڻپ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي ئي موجوده بحراني ڪيفيت مان نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪفايت شعاري جا ق??م جنهن جي شروعات ڪابينا ميمبرن جي پنهنجي ??گه??رن ۽ مراعتن تان رضاڪاراڻي دستبردار سان ٿي رهي آهي، جنهن جي ذريعي قومي ناڻي کي ساليانو 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي. وزيراعظم اتحادي پارٽين جو ان سلسلي ۾ حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ڪفايت شعاري جي قد??ن تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندو.