اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ??هي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم ن??از شريف خميس ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي سرگوڌا پهچندي جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مريم ن??از شريف سڀاڻي 24 فيبروري تي سرگوڌا ۾ تنظيمي اجلاس جي صدارت ڪندي. اجلاس ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مريم ن??از سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عه??يد??رن سان به ملاقاتون ڪندي. واضح رهي ته مريم ن??از پهرين فيبروري کان تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي آهي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.