اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي آجيان ??ئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان عوامي جمهوريه چين پاران سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي شاندار آجيان ??ري ٿو. بيان موجب پاڪستان ??ي پڪو يقين آهي ته اه?? اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان ??ان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ترجمان ??ي?? ته اسان ا?? تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ڪردار کي ساراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان ا?? مثبت اڳڀرائي تي سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي قيادت کي ساراهيون ٿا. بيان موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ۽ هم آهنگي جي ڪوششن جي تاريخ سان ??ڏوگڏ وچ اوڀر ۽ خطي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ۽ هم آهنگي جي لاءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.