اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي ۽ ا??تهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت ??يش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري تعزيتي بيان موجب صدر برگيڊيئر م??طفيٰ برڪي ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم پنهنجي بهادر فوجين سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا ڏيڻ تي خراج عقيدت ??يش ڪيو.