اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب زلمي خليل زاد جي بيان جي مذمت ڪندي چ??و آهي ته ان سان آمريڪي سازش ۽ امپورٽيڊ رجيم جي اصليت سامهون اچي و??ي آهي، جيوش لابي پنهنجو ڪـٺ پتلي بچائڻ جي لاءِ سامهون اچي چڪي آهي، فارن فنڊنگ جي ڏوهاري جا هينڊلرز سامهون ايندا پيا وڃن، فارن فنڊنگ جو نيڪسس بي نقاب ٿي ويو. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو ته فارن ايجنٽ ڪير آهي، ثابت ٿي ويو. توهان کي ڪٺ پتلي چار سال انساني حقن جون بدترين پائماليون ڪيون، توهان جي ڪٺ پتلي ميڊيا پريڊيٽر بڻجي چڪي آهي. هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چ??و ته توهان جو ڪٺ پتلي پاڪستان ۾ مالياتي، سياسي ۽ سفارتي تباهي جو ذميوار آهي، عالمي لابسٽ پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي لاءِ ??تح??ڪ ٿي ويا آهن، اهو ٽوئيٽ انهي منصوبي جي ڪڙيءَ آهي.