اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳا??هه سختي سان چئي آهي ته ??ظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي ??ي ان معاملي تي ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهو مسئلو گڏيل قومن جي ??يڪ??يٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ??يڪ??يٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ٽيليفون تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي. قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي ڪرڻ جي بي بار پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان پاران ان ڄاڻي واڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي، جنهن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن. هن زور ڏيندي چيو ته ??ظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي انهن رجحانن ۽ واقعن بابت مسلمان امت جي خدشن ۽ مطالبن کي بيان ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي ??يڪ??يٽري جنرل جي ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته ??سلامي دنيا جي اجتماعي آواز طور تي او آءِ سي ??ي هڪ ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مقصد پنهنجي موقف بابت عالمي سطح تي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ مسلم دشمني ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي خلاف قانوني ۽ سياسي مزاحمت پيدا ڪرڻ آهي. ان معاملي تي جنيوا ۾ قائم انساني حقن واري ڪائونسل ۾ فوري بحث منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪندي وزيراعظم وڌيڪ زور ڏنو ته ??و آءِ سي ??ي اهو مسئلو گڏيل قومن جي ??يڪ??يٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. او آءِ سي جي ??يڪ??يٽري جنرل قرآن پاڪ جي سرعام بي حرمتي جي ڪڌي واقعن تي پاڪستان جي مذمت ۽ ڳڻتي جي حمايت ڪئي. هن اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ??يڪ??يٽري جنرل ان معاملي تي خاص طور تي او آءِ سي جي ڳا??هين ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.