اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته ??اڪ??تان برطانيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه ??اڪ??تان ۾ برطانيا ۽ ملاوي ج?? نامزد هاءِ ڪمشنرز ۽ جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪئي ج?? پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ??اڪ??تان ۾ برطانيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته ??اڪ??تان برطانيا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي رابطن ۽ عوامي پائيدار رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضر??رت آهي. هن برطانيا ۾ رهندڙ ??اڪ??تانين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري کي پڻ ساراهيو. صدر ثقافتي رابطن ۽ عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو۔ هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻئي حڪومتون وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن جي روڪٿام ۽ حوصلا شڪني ج?? ضر??رت آهي. جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير پارڪ ڪي ج??ن سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ??اڪ??تان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا شامل آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??اڪ??تان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ج?? لاءِ کليل آهي ۽ پنهنجي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري ج?? آجيان ڪندو. هن ٻڌايو ته ??اڪ??تان انتهائي پرڪشش ڪوهه پيمائي ۽ ٻڌمت جون مذهبي جايون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هو ڪوريائي سياحن کي انهن جاين جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. ??اڪ??تان ۾ ملاوي ج?? نامزد هاءِ ڪمشنر يونس عبدالڪريم سان ڳالهائيندي صدر ملاوي سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ ??اڪ??تان کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل مفادن، قدرن ۽ هدفن تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ??اڪ??تان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.