سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين جمعي ڏينهن ڪارو ??ينهن ملهايو جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ هو ته ڀارت انهن جي ملڪ تي غيرقانوني طور ۽ انهن جي خواهشن جي ابتڙ قبضو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ??ينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀ??رتي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي فسطائي ڀ??رتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻجي مذمت جي لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاج?? مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غيرقانوني طور تي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ سينيئر اڳواڻن شبير احمد شاهه ۽ نعيم احمد خان نئين دهلي جي تهاڙ جيل پاران جاري پنهنجي پيغامن ۾ ڪشميرين کي چيو هو ته اهي حريت ڪانفرنس جي اپيل ??ي هڙتال ۽ ڪارو ??ينهن ملهائي دنيا کي هڪ واضح پيغام ڏين ته اهي ڀ??رتي قبضي کان آزادي تائين سک سان نه ويهندا.