اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڄم??ن جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي اُمنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشمير مسئلو ٿيندو ۽ ڄم??ن جي شهيدن جون قربانيون رنگ لائينديون. ڄم??ن جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڄم??ن جي شهيدن جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿو. 6 نومبر 1947ع تي غاصب ڀارتي فورسز ۽ ڊوگرا راج هٿين خالي ڪشميرين کي شهيد ڪيو. انشاءَ الله ڄم??ن جي شهيدن جون قربانيون رنگ لائينديون ۽ ڪشمير مسئلو حل ٿيندو. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آباديءَ جي تن??سب ۽ جاگرافيائي حيثيت کي بدلائڻ لاءِ مڪروه ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ڀارتي فورس آباديءَ جي تن??سب کي بدلڻ لاءِ لکين ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪيو. ڀارت جي ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش اڳ به ناڪام ٿي ۽ آئينده به ناڪام ٿيندي. پاڪستان ڪشميري عوام جي حق خوداراديت واري مؤقف جي حمايت جاري رکندو. ڪشمير ۽ ??لس??ين مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي. اسپيڪر چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۽ ??لس??ين ۾ انسانين حقن جون پائمالين جو نوٽيس وٺي ۽ ان جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي.