دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ ۽ جمهوريه ايسٽونيا جي وزير??عظ?? ڪاجا ڪالس خوراڪ جي عدم تحفظ کي ??نه?? ڏيڻ ۽ زرعي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ادارن سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي موقعي تي جمهوريه ايسٽونيا جي وزير??عظ?? ڪاجا ڪالس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ اقصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزير??عظ?? ڪاجا ڪالس ٻنهي طرفن جي وچ ۾ ٻٽي ٽيڪس جي خاتمي جي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. ٻنهي وزير??عظ??ن خوراڪ جي عدم تحفظ کي ??نه?? ڏيڻ ۽ زرعي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ ايسٽونيا سان گڏيل تعاون تي ٻڌل رابطن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ممڪن تعاون جي شعبن بشمول تعليمي ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو. نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي فعال ٿيڻ کي ساراهيندي موسمياتي تبديلي جي موذي اثرن کان بچاءُ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. ايسٽونيا جي وزير??عظ?? چيو ته موسمياتي تبديلي عالمي ڳڻتي جو مسئلو آهي ۽ ان کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ گهرجي. هن ماحولياتي تبديلي ۽ خوراڪ جي حفاظت جهڙن گڏيل چئلينجن کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات پاڪستان پويلين ۾ ٿي. ان ملاقات ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي ٻين مسئلن بشمول موسمياتي تبديلي جهڙن خطرن تي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪيو.