لاهور – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي ادارن تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته اهي فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺن، فلسطين ۾ اسرائيل پاران معصوم ٻارن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسرائيلي ظلم برداشت جوڳا نه آهن، اولهندي مفادن کي انساني حقن تي ترجيح نه ٿي ڏئي سگهجي، سعودي عرب مصنوعي ذهانت تي وڏي رقم خرچ ڪري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي طاقت کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي، سوشل ميڊيا جي ذريعي طرح طرح جون جعلي خبرون ڦهلايون وڃن ٿيون، ٽيڪنالاجي جي ڪري معاشري جي امير ۽ غريب طبقي جي وچ ۾ فرق ??ڌي ويو آهي. هو لاهور ۾ تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ جي اهتمام هي?? سالياني 29 هي?? عطائي گولڊ ميڊل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي مشاهد حسين سيد، وائيس چيئرمين تحريڪ پاڪستان ٽرسٽ ميان فاروق الطاف، مجيب الرحمان ??امي، ڪرنل (ر) محمد سليم ملڪ سميت ٻيا ماڻهو موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جن ماڻهن پاڪستان ??ي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو انهن جي لاءِ هي گولڊ ميڊل ڪا خاص حيثيت نٿو رکي پر انهن شخصيتن جو ان ۾ ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي، نظريه پاڪستان ??ي آفيس ۾ انهن جون تصويرون به لڳل آهن جيڪي پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن کي استعمال ۾ آندو. هن چيو ته مسلمانن کي جهڙي طرح 1857ع جي جنگ ۾ شهيد ڪيو ويو ان کانپوءِ سر سيد احمد خان چيو ته مسلمانن کي گهرجي ته اهي علم حاصل ڪن ته جيئن اهي هر ميدان ۾ اڳتي وڌن ۽ اهڙي قيادت ميسر هجي جيڪا ان قابل هجي ته ان ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ جون سوريون خوبيون موجود هجن ۽ اهي علم سان ليس هجن. هن چيو ته سر سيد علي خان چيو هو ته اسان کي 20 کان 25 سال گهرجن ته جيئن مسلمان ??لم حاصل ڪري سائنس ۽ جديد علم جي ميدان ۾ اڳتي وڌن جيئن ته اهڙي طرح سان ??يڪي مسلمان ??ڳتي ??ڌي قيادت سنڀاليندا اهي مسلمانن جي صحيح رهنمائي ڪري سگهندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد رياست کانسواءِ مسلمان ??ڳتي نٿا ??ڌي سگهن، علامه اقبال به ان ڳالهه تي زو?? ڏنو هو ته مسلمان ??نگريزي، جديد ۽ سائنسي علم پڻ حاصل ڪن ته جيئن اهي ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ باقي قومن جو مقاب??و ڪري سگهن. هن چيو ته قائداعظم ڪڏهن به فرقه پرستي تي ڳالهه نه ڪئي پر قائداعظم مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد رکي ان ??ي تربيت ڪئي. هن چيو ته غزه ۾ جهڙي طرح سان مسلمانن کي شهيد ڪيو پيو وڃي اهو مذمت جوڳو آهي پر افسوس اهو ته يورپ ۽ يو اين او پاران ??هڙي طرح جي مذمت نه ڪئي وئي جيڪا ڪرڻ گهرجي ها، غزه ۾ اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو ويو آهي ۽ مسلمانن کي بيدرديءَ سان ??هيد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مسلمانن کي جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته قرآن ۽ سنت ۽ خلفاءِ راشدين جي قانون کي لاڳو ڪري ئي اڳتي ??ڌي سگهجي ٿو، اسان ??ي بقاءَ قرآن ۽ سنت تي عمل ڪرڻ ۾ آهي. هن چيو ته حضور پاڪ ﷺ پٺتي پيل طبقي جي مدد ڪئي ۽ انهن انصاف کي ترجيح ڏني، انهن مديني جي رياست کان ??ڳ ئي انهن سمورين شين کي معاشري ۾ لاڳو ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جهڙي طرح شام جي ٻارن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون اهي تمام دل ڏکوئيندڙ هي??ن اهڙي طرح سان ??زه ۾ ٻارن کي شهيد ڪيو ويو آهي جنهن کي ڏسي دنيا کي ان ??ي مذمت ڪرڻ گهرجي.