اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، ??شريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جي پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي، وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون ان ذميواري کي ادا ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر قسم جي انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنديون. اها ڳالهه هن سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سي??يٽ مان منظور ٿيندڙ قرارداد نمبر 562 جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سي??يٽ سيڪريٽريٽ کي لکيل خط به شيئر ڪيو. خط ۾ چيو وي?? آهي ته سي??يٽ مان منظور ٿيل قرارداد بابت اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي مشاورت سان 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. اليڪشن ڪميشن امن امان جي بحالي لاءِ نگر??ن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ 2024?? جون عام چونڊون پرامن انعقاد جي لاءِ ووٽرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن بابت عدالت ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ به جمع ڪرائي آهي. اي سي پي چي?? آهي ته ماضي ۾ به عام چونڊون ۽ بلدياتي چونڊون سرديءَ جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن، انهن حقيقتن جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن جي لاءِ ان مرحلي تي 2024ع جي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو.