اسلام آب??د ?? 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي سان گلگت بلتستان جي گور??ر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي کيس باور ڪرايو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير سان ڳا??هه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو ويندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظم گلگت بلتستان ڪائونسل جي چ??نڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ملاقات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳا??هه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.