اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جو شعبو ترقي جون نيون من??لون طئي ڪري رهيو آهي، لوڻ جي برآمد ۾ اضافي سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ڪمپني م??ري??ل سالٽ ڪليڪٽو ان ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي صدر احمد نديم خان جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي وا??ي نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته گذريل ڏينهن پي ايم ڊي سي ۽ م??ري??ل سالٽ جي وچ ۾ صحيحون ٿيندڙ جوائنٽ وينچر کانپوءِ پاڪستان جي لوڻ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو آمريڪا پاڪستان جي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. نگران وزيراعظم چيو ته هي من??وبو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ترين موقعا موجود آهن، هماليائي گلابي لوڻ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، ان جي عالمي منڊين ۾ برآمدات خوش آئنده ڳالهه هوندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت پاڪستان ۾ ان شعبي جي ترقي جون نيون من??لون طئي ڪيون پيون وڃن. نگران حڪومت جي گهٽ مدي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. م??ري??ل سالٽ جي وفد حڪومت خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جا ڪمپني سان تعاون تي ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪمپني جي پاڪستان ۾ جوڙجڪ کانپوءِ ان کي سڄي دنيا جي وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجز تي آندو ويندو جنهن سان حڪومت ۽ مقامي سيڙپڪارن کي به فائدو ٿيندو. وفد نگران وزيراعظم کي لوڻ جي کاڻين وا??ن علائقن ۾ مقامي آبادي جي معاشي بهتري، تعليم ۽ صحت ۽ روزگار جي فراهمي جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي بابت پڻ آگاهه ڪيو.