اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) اسلام آباد جي ضلعي صدر راجا وقار ممتاز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ?? هن راجا وقار ممتاز جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته راجا وقار ممتاز مسلم ليگ (ن) جو مخلص ۽ ??رع??م ڪارڪن هو. سندس لاڏاڻي سان مسلم ليگ (ن) کي وڏو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته مرحوم جي پارٽي ??اءِ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.