راولپنڊي – 00 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ ڪنهن به ملڪ جي سماجي ترق?? ۽ ??وشحالي جي لاءِ لازمي آهي. ڪنهن به قوم جي اس??حڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. تعليم ۽ معاشي خود??خت??اري ئي عورتن جي صحيح معنيٰ ۾ آزاد?? ۽ ??رقي جي ضامن آهي. اس??ن جي مذهب اسلام عورتن کي مڪمل حق ڏنا آهن ۽ هاڻي اها اس??ن جي ذميواري آهي ته اس??ن عورتن کي معاشري ۾ انهن جو جائز مقام ۽ تحفظ ڏياريون. هو راولپنڊي وومين يونيورسٽي ۾ ايس او ايس فائونڊيشن جي حصيداري سان عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ”صنفي برابري جي ذريعي معاشي طور تي اختيار“ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته مون کي خوشي آهي ته راولپنڊي وومين يونيورسٽي نه رڳو اس??ن جي نوجوان عورتن کي تعليم جي مدد سان بااختيار ڪري رهي آهي پر انهن کي اهم اقتصادي سماجي ايشوز تي آگاهي پڻ ڏئي رهي آهي، اميد آهي ته سڀ گڏجي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪندا رهندا. هن چيو ته عورتن جو عالمي ڏينهن اسان ??ي ان ??الهه جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اس??ن ان ??الهه جو جائزو وٺون ته عورتن جي حقن جي حوالي سان هيستائين اس??ن جي ملڪ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آه?? ۽ ??ڃان اسان ??ي وڌيڪ ڪهڙن شعبن ۾ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان ??ي ان ??الهه تي غور ڪرڻو پوندو ته اس??ن پاڪستان ۾ عورتن جي حقن ۽ پبلڪ لائيف ۾ انهن جي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻي سگهون ٿا. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ آبادي جي لحاظ سان عورتن جو تناسب اٽڪل 50 سيڪڙو آهي پر ??خت??ف شعبن ۾ عورتن جي شموليت اڃا به گهٽ آهي. اسان ??ي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اڃا هڪ ڊگهو سفر طئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سال 2023ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ??لوبل جينڊر گيپ جي لحاظ سان 146 ملڪن مان 142 هين نمبر تي آهي. اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جو حامي هو. اهڙي طرح اسان ??ي پنهنجي اسلامي تاريخ ۾ ڪيترين ئي عورتن جو مثال ملي ٿو جيڪي اس??ن سڀني جي لاءِ آئيڊيل جي حيثيت رکن ٿيون. حضرت خديجه رضه هڪ ڪامياب ڪاروباري عورت هئي. ان ??انسواءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان ??ي فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي خان، محترمه بينظير ڀٽو سميت ٻين ڪامياب عورتن جا مثال ملن ٿا جن عملي زندگي ۾ پنهنجي لاءِ هڪ نمايان مقام حاصل ڪيو. هن چيو ته ??خت??ف شعبن ۾ عورتن جون خدمتون ان ??الهه جو ثبوت آهن ته عورتون به محنت ۽ لگاءُ سان ??م ڪري ملڪ جي ترق?? ۽ ??وشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان عورتن جي ترق?? ۽ ??وشحالي ۽ معاشري ۾ انهن جي شموليت جي لاءِ ??خت??ف قدم کنيا آهن. تازو ئي پاڪستان عورتن جي آنرشپ رائيٽس جي لاءِ پراپرٽي رائيٽس ايڪٽ پڻ پاس ڪيو آهي. ان ايڪٽ جي مدد سان اسلام آباد ۽ ان جي علائقن ۾ عورتن جي ملڪيتن جو تحفظ ڪرڻ ۽ انهن تي غيرقانوني قبضو انتهائي گهٽ وقت ۾ ڇڏرائڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙي طرح پاڪستان ??م جي جڳهه تي هراسمنٽ جي خاتمي لاءِ وفاقي محتسب پڻ قائم ڪيو آهي جنهن سان ??م جي جڳهه تي عورتن جي شموليت وڌائڻ ۽ انهن کي هڪ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙي طرح عورتن جي معاشي ۽ مالي خود??خت??اري ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو قيام به عمل ۾ آندو ويو هو. پر انهن سمورن قدمن سان ??ڏوگڏ اسان ??ي عورتن کي ملڪ ۾ هڪ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ، ??خت??ف شعبن ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته عورتن جي صحت جي حوالي سان بريسٽ ڪينسر هڪ تمام وڏو چئلينج آهي. هر سال سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي عورتون ان ??ينسر جي ڪري پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿيو??. ج??ڪڏهن بريسٽ ڪينسر جي جلد تشخيص ٿي وڃي ته ان بيماري کان بچڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ۾ ان موضوع تي ڳالهه ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪئي ويندي هئ?? ۽ ??ن بيماري تي ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏنو ويو، پر هاڻي اس??ن جي آگاهي مهم جي ڪري ان مرض جي علامتن، ان جي وقت سر تشخيص ۽ علاج بابت کلي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. اها هڪ انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. ان ??انسواءِ اسان ??ي ذهني صحت جي مسئلي تي پڻ ڪم ڪرڻو پوندو. ڪيترين ئي عورتن کي ??خت??ف مسئلن جي ڪري ذهني صحت جي ايشوز کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اها افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ ان مسئلي کي سنجيدگي سان نه ٿو ورتو وڃي. ماڻهن ۾ نه رڳو ان بابت آگاهي جي کوٽ آهي پر پاڪستان ۾ تربيت يافته پروفيشنلز جي پڻ شديد کوٽ آهي. هن چيو ته خصوصي ماڻهو اس??ن جي آبادي جو اٽڪل 10 کان 12 سيڪڙو حصو آهن، وڌيڪ اهو ته خصوصي ماڻهن کي تعليم تائين به پهچ نه ٿي مل?? ۽ ??هي خصوصي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا جنهن جي ڪري ڪجهه خصوصي ماڻهو پاڻ کي معاشري کان جدا محسوس ڪرڻ شرو ڪري ڇڏين ٿا. تعليم ۽ اسڪلز نه هجڻ جي ڪري معذوري رکندڙ ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار ۾ پڻ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. آئون اڄ هن پليٽ فارم جي مدد سان سموري معاشري، سرڪاري ۽ نجي ادارن ۽ ڪاروباري برادري کي اپيل ڪنديس ته اهي خصوصي ماڻهن جي آساني جي لاءِ سمورين عوامي جاين ۽ بازارن ۾ محفوظ ۽ وهيل چيئر جي لاءِ اس??عمال جوڳا ريمپ تعمير ڪن ته جيئن اهي روزاني جي سرگرمين ۾ شامل ٿي سگهن. تقريب جي پڄاڻي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي ??خت??ف گيمز ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ميڊلز ۽ انعام ورهايا.