اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم مح??د شهباز شريف چائنيز سيڙپڪاري منصوبن جي لاءِ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي ??زي?? جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جي 9 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب ??زي??اعظم چائنيز انويسٽمينٽ پراجيڪٽس بابت ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي جو سربراهه منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي ??زي?? هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ پرڏيهي ??زي??، گهرو ??زي??، ناڻي وارو ??زي??، واپار وارو ??زي??، پيٽروليم وارو ??زي??، توانائي وارو ??زي??، ريلوي وارو ??زي?? ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو ??زي?? هوندا. ان ڪميٽي جي ذميوارين ۾ سي پيڪ منصوبن ۾ چيني ڪمپنين جي ذريعي ٿيندڙ سيڙپڪاري جي منصوبن جي اڳڀرائي جي نگراني ڪرڻ، مختلف سرڪاري ادارن سان چيني سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن جو تيزي سان حل ڪڍڻ، چين پاڪست??ن اقتصادي لنگهه جي اڳئين مرحلي جي طور تي پاڪستان جي معيشت جي پيداواري شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ، اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جنهن ۾ چيني سيڙپڪاري کي بهترين نتيجا حاصل ٿين، چيني ورڪرز/ رهواسين جي سيڪيورٽي جي لاءِ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ ۽ نامزد چيني ادارن سان ٻيهر لاڳاپا قائم ڪري سي پيڪ جي سست رفتار س??ن هلندڙ منصوبن کي ٻيهر فعال ڪرڻ شامل آهي.