اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر بشام وي??هو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي وي??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل جي شديد مذمت ڪري ٿي، اسان دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن کي ??نصاف جي ڪٽه??ي ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون دهشتگردي جي لعنت جي خلاف ??ڙهڻ جي پاڪستاني قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بيان موجب اڄ جي حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي، اسان اهڙي سمورين قوتن جي خلاف ??وري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي ??ڪست ڏينداسين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گه??ي ۾ پنهنجي چيني دوستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ حملي ۾ مارجي ويندڙ چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين وي??ها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي زندگي ۽ حفاظت انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.