رياض – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) آچر تي رياض ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي اڄ کان شروع ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ??تي وزيراعظم عالمي صحت جي ايجنڊا جي حوالي ??ان هڪ سيشن ۾ خيالن جو اظهار ??ڻ ڪندو. عالمي اقتصادي فورم جي سائيڊ لائنز تي اڄ وزيراعظم جي ڪويت جي امير مشعل الاحمد الجابر الصباح ??ان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي سعودي ناڻي، صنعت، سيڙپڪاري وارن وزيرن ??ان ملاقاتون متوقع آهن. وزيراعظم جي بل اينڊ ميلنيڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين، عالمي مالياتي فنڊ جي منيجنگ ڊائريڪٽر ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر ??ان پڻ ملاقات ٿيندي.