اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ شهيدن کي ??راج عقيدت ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو عنوان ”بي حرمتي انهن جي گوارا ناهي، هاڻ ٻيهر ائين ٿيڻ نه ڏبو“ هو. و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن تقريب ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. شهيدن جا پونئير جڏهن تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتا ته و??ير??عظم شهباز شريف پنهنجي سيٽ تان اٿي انهن جو استقبال ڪيو. تقريب جي شروعات قومي ترانو ۽ ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي. و??ير??عظم شهباز شريف تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته شهيدن پنهنجون جانيون قربان ڪري ملڪ جي لکين ٻارن کي ??هيد ٿيڻ کان بچايو. شهيدن دليري ۽ جرئت سان ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. تقريب ۾ شهيدن جي وارثن تمام همت ۽ حوصلي سان پنهنجي پيارن جا داستان ٻڌايا. ميجر منيب افضل شهيد جي والد مير افضل خٽڪ حاضرين ??ي پنهنجي پٽ جي زندگي، خيالن، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جذبن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته شهيدن ۾ ملڪ ۽ قوم جي دفاع جو بي انتها جذبو ڏٺو وڃي ٿو، اولاد جو ڏک الله ڪنهن کي نه ڏيکاري، جنهن راهه ۾ اسان جا پٽ شهيد ٿيا ان تي اسان کي فخر آهي. شهيد ميجر منيب افضل جي والد چيو ته اسان جي شهيدن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا آهن. تقريب کي ??ءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي پڻ خطاب ڪيو. واضح رهي ته علي ناصر رضوي 9 مئي 2023ع تي پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي اک وڃائي ويٺو هو. تقريب کي ??طاب ڪندي آءِ جي اسلام آباد شهيدن جي وارثن کي ??لام پيش ڪندي چيو ته 9 مئي 2023ع جو ڏينهن نه ٿا وساري سگهون. هن چيو ته ڪجهه شرپسند هڪ پوليس آفيسر جي اک کسي وٺندا ته ڇا اهو جذبو ختم ٿي ويندو. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث شرپسندن جا ڪنڌ هيٺ ۽ اسان جا ڪنڌ فخر سان بلند آهن، اسان شرپسند عنصرن جي اڳيان ڪنهن به صورت ۾ نه جهُڪنداسين. هن چيو ته شرپسندن پاران ڏنل زخم اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين. تقريب کي ڪرنل سهيل عابد شهيد، ميجر اڪبر اعواڻ شهيد جي بيواهن ۽ ڪيپٽن ڪاشف شهيد جي والده پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. شهيد ميجر اڪبر اعواڻ جي بيواهه چيو ته شهيد سدائين زندهه رهن ٿا، ميجر اڪبر اعواڻ پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به هن ملڪ ۽ قوم تي نڇاور ڪيو، هاڻي وقت آهي اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي ??نواريون، پاڪستان کي ??ن مقام تائين وٺي وڃون جو شهيدن جا خاندان فخر ڪن. هن چيو ته پاڪ فوج اسان کي هڪ لمحو به اڪيلو نه ڇڏيو. شهيد ڪرنل سهيل عابد جي گهرواريءَ چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن. شهيد ڪيپٽن ڪاشف جي والده تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته منهنجي پٽ ملڪ جي لاءِ جان قربان ڪئي، پٽ جي شهادت منهنجي لاءِ فخر آهي، ڪاشف جهڙا بهادر پٽ هجن ته ڪو به دشمن ملڪ طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن اسان کي ??مام گهڻو ڏک ڏنو، 9 مئي تي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي سان دلي ڏک ٿيو، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪا به قوم برداشت نه ٿي ڪري سگهي. تقريب ۾ گلوڪار ۽ نغمه نگار ??ابر عباس جي آواز ۾ شهيدن کي ??راج عقيدت پيش ڪرڻ ??ي لاءِ ترانو پڻ جاري ڪيو ويو. اهو ترانو و??ير??عظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي هڪ اهڙي خيال تي تيار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن شهيد اسان کي ڪجهه چئي سگهي ته اهو ڇا ٿو چئي سگهي. جابر عباس جي دبنگ آواز ۾ ان سوچ کي ??راني جي شڪل ڏني وئي آهي. تقريب ۾ گلوڪار ??اطف اسلم جي آواز ۾ شهيدن کي ??راج عقيدت پيش ڪرڻ ??ي لاءِ نغمو پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته ميڊم نورجهان جو پاڪ فوج جي عقيدت ۾ ڳايل نغمو ”اي پتر هٽان تي نئي وڪدي“ گلوڪار هاديه هاشمي پيش ڪيو. ناليواري گلوڪار ??يراز اُپل پڻ تقريب م خيالن جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي شهيد والد جي خدمتن کي ??راج عقيدت پيش ڪيو. شيراز اُپل چيو ته شهيد جو پٽ هجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته 9 مئي جا واقعا ڏسي دل تڪليف ٿي، ملڪ جي لاءِ جانين جي قرباني ڏيندڙن جي قدر ڪرڻ گهرجي. شيراز اُپل 9 مئي جي حوالي سان پنهنجو گيت پڻ تقريب ۾ ڳايو، ”وطن ميري“ عنوان سان گيت جي موسيقي پڻ شيراز اُپل پاڻ ڏني آهي. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??ياز صادق، نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سميت وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، سيڪريٽري اطلاعات شاهيره شاهد، پي آءِ او مبشر حسن، پاڪ فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي آفيسرن، جوانن ۽ شهيدن جي پونئيرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.