اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ ??وج ۽ سائنسدانن کي فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ سسٽم جي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ سسٽم پاڪستان جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. وزيراعظم چ??و ته فتح ٽو گائيڊڊ راڪيٽ سسٽم پاڪ ??وج ۽ سائنسدانن جي اڻٿڪ محنت ??و نتيجو آهي. هن چيو ته پاڪ ??وج ۽ سائنسدانن جي محنت ڏينهون ڏينهن پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندي پئي وڃي.