اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پ??ڏي??ي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي پاڪ ايران لاڳاپن ۽ خطي جي حوالي سان خد??تن تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چ??و ته ابراهيم رئيسي وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو، پاڪستان مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايراني صدر، پ??ڏي??ي وزير ۽ سندن ساٿين جي مغفرت جي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ايراني پ??ڏي??ي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبر سان شديد صدمو ٿيو آهي. اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي ع??ام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ ايراني ع??ام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ۾ ايران سان گڏ بيٺل آهي. ان حوالي سان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چ??و ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي هڪ وڏو عالم ۽ صاحب بصيرت اڳواڻ هو. پاڪستان ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جهڙو مخلص ۽ ڀائرن جهڙو دوست وڃايو. وزيراعظم ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چ??و ته ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پنهنجي قوم سان گڏوگڏ پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ خد??تن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چ??و ته گذريل مهيني ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جو پاڪستان جو دورو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سنگ ميل هو. ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني ع??ام سان گذريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. ڪابينا پاران منظور ڪيل قرارداد ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو و??و ته مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي پاڪ – ايران لاڳاپن جي مضبوطي ۽ فروغ جي ويزن کي جاري رکيو ويندو. ڪابينا دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پ??ڏي??ي وزير ۽ انهن جي ساٿين کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.