تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ??ي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪري صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪ ايران لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي و??ائڻ جي حوالي سان مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ويزن کي جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ??ي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪئي. سپريم ليڊر سان ملاقات دوران وزيراعظم صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي هڪ ويزنري اڳواڻ ??و جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان ??ي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ??يران ٻطرفن لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪ – ايران لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي و??ائڻ جي حوالي سان مرحوم ايراني صد?? جي ويزن کي جاري رکنداسين. وزيراعظم تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڀائر ملڪ ايران ??ي حڪومت ۽ عوام سان ??وستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان ??مت جي اتحاد ۽ غزه جي محصور عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان ??ي حڪومت ۽ عوام پاران ڪيل ??ذبن جي اظهار کي محسوس ڪريون ٿا ۽ ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان ??ان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا ۽ اسان پاڪ – ايران لاڳاپن جي حوالي سان مرحوم ايراني صدر رئيسي جي ويزن کي اڳتي و??ائينداسين. وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر کي پاڪستان ??و دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ هئا.