اسلام آباد – 11 – جون (??ي پي پي) ملڪ ۾ ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن جو انگ شهري علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کان وڌي ويو آهي، ٻهراڙي ۾ 14 ڪ??وڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو رهن ٿا، اسپتالن جو انگ رڳو 1284 ۽ بنيادي ??حت مرڪزن جو انگ 5520 آهي، ملڪ ۾ ماڻهن جي سراسري عمر 67.3 سال رهجي وئي. قومي اقت??اد?? سروي موج?? سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت پبلڪ هيلٿ جي لاءِ 25.3 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا. اسپتالن جو انگ 1284، بنيادي ??حت مرڪزن جو انگ 5520 رڪارڊ ڪيو ويو. 2022ع ۾ سراسري عمر 67.3 سال هئي، ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڊاڪٽرن جو انگ 2 لک 99 هزار 113 آهي. قومي اقت??اد?? سروي موجب 2023ع ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي 24 ڪ??وڙ 15 لک ماڻهن تي ٻڌل آهي. ٻهراڙي جي علائقن ۾ 14 ڪ??وڙ 77 لک 50 هزار ماڻهو ۽ شهري علائقن ۾ 9 ڪ??وڙ 37 لک 50 هزار ماڻهو رهن.